ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ گيان

ڀاڳچنداڻي، رام نولراءِ ”گيان“: ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ 12 ڊسمبر 1922ع تي چڪ ضلعي سکر ۾ ڄائو. مضمون نگار، ناٽڪ نويس ۽ ترجمي نگار جي حيثيت سان مشهوري حاصل ڪيائين. سندس ترجمو ڪيل ۽ ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ڀڳت ۽ ڀڳوان، (2) اپنشدن جو سنديش، (3) هي ڌن ڪنهن جو ۽ (4) جاڳ اي انسان وغيره شامل آهن. شڪارپور مان نڪرندڙ ’سنڌو‘ رسالي ۾ هن جا ڪيترا ئي ليک شايع ٿيل آهن. هن جا ڪجهه ڪتاب گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيل ملن ٿا. رام نولراءِ ماهوار رسالن ”گلستان“ ۽ سالياني رسالي ”هنس“ جو ايڊيٽر به رهيو. سندس ناٽڪ ۽ ٻيون رچنائون آل انڊيا ريڊئي تان به نشر ٿيل آهن. ورهاڱي کان پوءِ وطن جا وڻ ڇڏي، احمد آباد (ڀارت) ۾ رهائش اختيار ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.12.12  عيسوي

ڀاڳچنداڻي رام نولراءِ 12 ڊسمبر 1922ع تي چڪ ضلعي سکر ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان نثار خان
جمعو فقير 2
جسڪاڻي مشتاق
الهبچايو ڪرهيي پوٽو
جان الله شاهه رضوي
اسحاق عليه السلام
راڌا ڪرشنا ڊاڪٽر
انور ڪليم
سيٺ ڌريانو مل
پونٽنگ رڪي ٿامس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون